ٽنڊو قيصر

ٽنڊو قيصر: ضلعي حيدرآباد جو هڪ شهر، جيڪو روڊ ذريعي ٽنڊي ڄام سان مليل آهي. هن ڳوٺ جي آبادي تقريباً 20 هزارن کان مٿي آهي. هتي هڪ بوائز هاءِ اسڪول، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول، هڪ گرلس مڊل اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ جي سهوليت پڻ موجود آهن. امير قيصر نظاماڻيءَ ارڙهين صديءَ ۾ هن شهر کي آباد ڪيو هو. هن شهر ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست جو اهم ڪردار ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پڻ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي نظرين جو پرچار ڪيائين. هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ نوجوان شاعر آسي زمينيءَ پاران قائم ڪيل لائبرري ”دانش گاهه منصوريه“ نالي قائم آهي، جنهن جو هتي ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. هتي جي اديبن ۾ آسي زميني، ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي، صوفي شوڪت، سڪندر ”ستايل“ مشهور آهن. هن ڳوٺ ۾ سال 51-1950ع ۾، قاضي عابد ۽ سندس ڀائرن هڪ ڪپهه جي جننگ فئڪٽري لڳائي هئي، جنهن جو افتتاح مير غلام علي ٽالپر ڪيو هو. هيءَ فئڪٽري ڪجهه وقت کان پوءِ بند ٿي وئي.
ٽنڊي قيصر نالي سان تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه به آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ٽنڊو قيصر، جلال ماڇي، عبدالله، گل محمد، ڦتن ڌماچ، ٻڍو کور ۽ صالح خاصخيلي.


لفظ ٽنڊو قيصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو